راولپنڊي(م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هنن ڏکين حالتن ۾ اسان کي ثابت قدم رهڻ جي ضرورت آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي هدايتن تي طبي سامان جي ايمرجنسي سپلاءِ ڪوئٽا لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملو فرنٽ لائن سپاهي آهن، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي يافته ملڪ ۽ اتي جي حڪومتن کي ڏکيائون سامهون آهن، حڪومت ضروري وسيلن ۽ اوزارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي جڏهن ته ڏکين حالتن ۾ اسان سڀني کي صبر ڪرڻ گهرجي ۽ ثابت قدم رهڻ گهرجي.