اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هلندڙ مهيني نواز سرڪار خلاف تحريڪ هلائي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سئو سيڪڙيو بااختيار آهي. هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ فتح ماڻڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي سياسي اتحاد ۾ اچڻ گهرجي، ملڪي حالتن لاءِ بهتر ٿيندو ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهايو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته جاويد هاشمي کي استعيفيٰ ڏيڻ وقت عمران خان خلاف ڳالهائڻ گهرجي ها.