اسلام آباد (بيورو) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت هلندڙ سال حج تي ويندڙ هڪ لک 7 هزار 526 خوش نصيبن جو اعلان ڪري ڇڏيو. هلندڙ سال حج تي ويندڙن جا ڪڻن ذريعي نالا ڪڍڻ لاءِ قرعه اندازي جو افتتاح مذهبي معاملن واري وزير پير نور الحق قادري ڪيو. ان سلسلي ۾ مڪمل طور ڪمپيوٽرائزڊ قرعه اندازي ڪندي هلندڙ حج جي فرض لاءِ هڪ لک 7 هزار 526 خوش نصيبن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته مسلسل ٽن سالن کان ناڪام 10 هزار ماڻهن کي بنا ڪڻا ڪڍڻ جي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هلندڙ سال 80 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ٻه هزار خواهشمندن جون درخواستون وصول ٿيون ۽ مجموعي طور هڪ لک 7 هزار 526 خوش نصيبن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، جن کي ايس ايم ايس ذريعي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته حج لاءِ هڪ لک 84 هزار کان وڌيڪ ڪوٽا پاڪستان کي ملي آهي، جنهن مان 60 سيڪڙو پانڌيئڙا سرڪاري ۽ 40 سيڪڙو نجي ٽور ڪمپنين ذريعي حج ڪندا. سعودي عرب ڪوٽا 2 لک ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، حج ۾ روڊ ٽو مڪا پراجيڪٽ سڀ کان انقلابي قدم آهي، جنهن تحت پانڌيئڙن جي ايميگريشن پاڪستان جي ايئرپورٽن تي ئي ٿي ويندي.