هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواريءَ جي قتل تي پ پ جو 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ قيادت مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواريءَ جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته پارٽي سڀ سرگرميون معطل ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته مير هزار خان بجاراڻي پارٽي جو سرمايو هو. هن پونئيرن سان رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي جون سڀ سرگرميون معطل ڪري 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي . ٻئي پاسي پ پ جي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواريءَ جي قتل تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي نياڻي آصفا ڀٽو زرداري ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خبر ٻڏي مون کي وڏو صدمو پهتو، منهنجو همدرديون ۽ دعائون متاثر خاندان سان گڏ آهن. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف به مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواريءَ جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي مون کي وڏو صدمو پهچايو. ٻئي پاسي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به واقعي جي مذمت ڪندي حڪومت کان شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *