راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هر پاڪستاني آپريشن ردالفساد جو سپاهي آهي، اسان کي پاڪستان کي فساد کان پاڪ ڪرڻو آهي، هن چيو ته اچو ته گڏجي ڪري پاڪستان مان فساد کي صاف ڪريون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قوم سان مخاطب ٿيندي چيو ته سڀ پاڪستاني گڏجي ڪري فساد کي صاف ڪنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين، هن چيو ته اچو ته پنهنجي ملڪ کي گڏجي محفوظ ۽ مضبوط بڻايون.