راولپنڊي (م ڊ): پاڪ فوج سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته مادر وطن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به قرباني کان به ڪيٻائينداسين، پاڪ فوج ترجمان جنرل آصف غفور سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو، جنهن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو چوڻ هيو ته پاڪستان جي باهمت قوم دشمنن جي سازشون ناڪام بڻائيندي پئي وڃي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان مادر وطن جو دفاع ڪندا رهيا آهيون، ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، پاڪ فوج سربراهه چيو ته دشمنن جي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون سازشون بي نقاب ٿي چڪيون آهن.