هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين: پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا

اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهن، ڪشمير بابت سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڪشميرين آزادي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين، نفيس ذڪريا چيو ته اجتماعي قبرن مان نڪرندڙ سمورا لاش مقامي ڪشميرين جا هيا، ڀارت مسلسل واويلا ڪندو آهي ته سرحد پار کان مداخلت ٿيندي آهي، برهان واني جي شهادت بعد ميڊيا جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، هن چيو ته ڀارت تحريڪ آزادي کي دهشتگردي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، اجتماعي قبرون سامهون اچڻ سان ڀارتي موقف رد ٿي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *