اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سمورين عدالتن ۾ صرف انهيءَ جي خلاف ڪيس هلي رهيا آهن اڱاري تي نيب ريفرنسز جي سلسلي ۾ احتصاب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ هجي، هاءِ ڪورٽ هجي يا ڪوئي ٻي عدالت هر هنڌ منهنجو ئي ڪيس هلي رهيو آهي هن چيو ته منهنجي خلاف ڪيس ڇو هلي رهيا اهن سبب سڀني جي آڏو آهي ان موقعي تي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز نيب پاران ايونٽ فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي سلسلي ۾ داخل ضمني ريفرنس جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ 2017 جي فيصلي جي روشني ۾ ڪو نئون اثاثو آڏو اچڻ جي صورت ۾ ئي ضمني ريفرنس داخل ٿي سگهي پيو وڪيل امجد پرويز چيو ته ان نام نهاد ضمني ريفرنس ۾ ڪوئي نئون اثاثو آڏو ناهي آيو ۽ نه ئي گڏيل قانوني معاونت تحت نيب ڪوئي جواز آڏو آڻي سگهيو آهي مريم نواز جي وڪيل چيو ته ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جي استغاثا اها ڳالهه مڃي رهيو آهي ته پهريان ريفرنس ڪمزور هو هن چيو ته عبوري ريفرنس ۾ مريم نواز تي بينيفشل اونر هجڻ جو الزام هو جيڪو ضمني ريفرنس ۾ نه آهي هن چيو ته نئين ضمني ريفرنس ۾ ڪاغذ به سمورا پراڻا آهن ان ۾ ڪابه ذڪر جوڳي شاهدي شامل نه آهي.