هر اداري کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته هر اداري کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندو ته ڪنهن کي شڪايت نه هوندي. صدر ممنون حسين خاتون اول سان گڏ پاسپورٽ آفيس جو دورو ڪيو. صدر ۽ خاتون اول پاسپورٽ جي لاءِ درخواست پراسس ڪرائي. ان موقعي تي صدر ممنون حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاسپورٽ آفيس جا انتظام هٺا هئا، اها خبر ناهي ته معمول ۾ به اهڙا ئي بندوبست هوندا آهن. هن چيو ته پاڪستانين کي اهڙي ملڪ وڃڻ جي گهرجي جتي انهن جي عزت هجي. سياستدان ڪو ٻار ته ناهي جو ان کي سمجهايو وڃي، سياستدان سڀ سمجهدار آهن. صدر چيو ته هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندو ته ڪنهن کي شڪايت نه هوندي. آئون نٿو سمجهان ٿه ڪوشش به ڪيان  ته سياسي پارٽيون گڏجي ويهن،  سياسي پارٽين کي پاڻ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو ملڪي مفاد ۾ هجي. سي پيڪ ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙي عمل ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي جنهن سان ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ اچي. ممنون حسين چيو ته جيڪا دولت ٻاهر آهي ضروري ناهي ته سموري ڦريل هجي، بي شمار ماڻهن وٽ پنهنجي دولت به آهي، سڀ جي لاءِ چوڻ غلط اهي ته هنن ڦريل رقم ٻاهر موڪلي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *