راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن لاءِ مارچ جي تاريخ مڪمل تياري سان ڏيندو، صوابي جلسي لاءِ ايڪشن پلان ڏنو آهي، هن ڀيري اسان جا ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس نه ويندا. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته اسان جو احتجاج آئين جي بحالي، جمهوريت ۽ آزاد عدليه ۽ بيگناهه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آزادي تائين جاري رهندو. تحريڪ انصاف جا عهديدار، ايم اين ايز، ناظم، ٽڪيٽ هولڊر، ڪارڪن ۽ حامي پنهنجون تياريون مڪمل ڪري ميدان تي لهڻ لاءِ ڪم شروع ڪن.
-
حڪمرانن جي انتقامي پاليسين سبب ملڪ ۾ ڏڦيڙ وڌي رهيو آهي:ڪاشف سعيد
ڪراچي (پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪمرانن جي انتقامي ۽ ناانصافي تي ٻڌل پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ سياسي عدم استحڪام وڌي رهيو آهي، پورو ملڪ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي ور چڙهيل آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشت گردي جي واقعن توڙي سيڪيورٽي ادارن مٿان ٿيندڙ حملن حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. موجوده حڪومت امن امان جي بحالي توڙي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.