ٺٽو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄِي ملڪ ۾ چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو. چونڊ مهم ۾ روان دوان بلاول ڀٽو جو قافلو ٺٽي پهچي ويو جنهن بعد هو ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪندو. بلاول ڀٽو گهاري ۾ خطاب بعد ڪنٽينر تي سوار ٿي ويو ۽ چيو ته پهريون ڀيرو ووٽ وٺڻ آيو آهيان، اميد آهي ته توهان مايوس نه ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم دوران ٺٽي، سجاول، گولاڙچي، بدين، تلهار، ماتلي، ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ جلسن کي خطاب مرحليوار ڪندو. پيپلز پارٽي جو چيئرمين دوري جي لاءِ بلاول هائوس کان قائد آباد پهتو ته اتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ڪارڪنن سندس قافلي تي گلن جون پتيون نڇارو ڪيون ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا. ان موقعي تي مختصر خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو توهان سان رشتو ڪيترائي نسل پراڻو آهي پيپلز پارٽي تشدد جي سياست تي يقين نٿي رکي گذريل ڏينهن لياري ۾ شاندار استقبال مخالفن کي پسند نه آيو ۽ هنن سازش جي تحت اسان تي پٿراءُ ڪيو. ٺٽي ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسان پنهنجو منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا انقلابي پروگرام شروع ڪيا. بلاول ڀٽو چيو ته اسان ماڻهن کي فوڊ ڪارڊ ڏينداسين. جنهن سان ماڻهن کي کاڌو پيتو سستو ملندو، پيپلز پارٽي هميشه ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه جيترو ڪم ڪيو آهي سنڌ جي تاريخ ۾ ايترو ڪم ڪنهن وڏي وزير ناهي ڪيو. بلاول چيو ته هاڻ عوام جا مسئلا پاڻ حل ڪندس، مون کي توهان جو ساٿ گهرجي، عوام منهنجو ٻانهن ٻيلي بڻي، آئون ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن عوام مون سان گڏ آهي ته مون کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، اسان کي گڏجي بيبي جو واعدو نڀائڻو اهي ۽ پاڪستان بچائڻو آهي.