هاڻ زرداري به چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو ۽ ٻيهر جيل ۾ ڇو وڌو ويو: عمران خان

نواب شاهه (رپورٽر) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کان پوءِ هاڻ آصف زرداري جو وارو آهي، هاڻ آصف زراري به چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو ۽ ٻيهر ڇو جيل ۾ وڌو ويو. نواب شاهه ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر سازي مهم دوران خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان تازو بلوچستان جو دورو ڪري آيو آهيان ۽ سنڌ جون حالتون بلوچستان کان به بدتر آهن، جنهن جي سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري آهي، ڇو ته اهي ماڻهو پوليس ذريعي انتقامي ڪارروائي ڪري ماڻهن تي ظلم ڪندا آهن، ڪي پي ۾ اسان جو هڪ به مخالف اهو نٿو چئي سگهي ته انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو ڀٽو خاندان سان اهو ئي واسطو آهي، جيڪو ڪيپٽن صفدر جون شريڪ خاندان سان آهي. هن آصف زرداري کي چئلينج ڪندي چيو ته توهان جي علائقي مان تحريڪ جي شروعات ڪري رهيو آهيان، هاڻ تيار ٿي وڃو، ڇو ته پنجاب ۾ هڪ شخص اڳ ئي روئي رهيو آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، هاڻ توهان به چوندئو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو ۽ ٻيهر جيل ۾ ڇو وڌو ويو. عمران خان چيو ته اونداهي جي رات ختم ٿيڻ واري آهي ۽ نئون صبح اچڻ وارو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *