اسلام آباد(بيورو): وفاقي حڪومت جي منصوبابندي بابت وزير اسد عمر چيو آهي ته مستقل ۾ بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ توانائي جي اگهن ۾ گهتٽائي سان معيشت ۽ انڊسٽري کي فائدو ٿيندو.منصوبندي جي وزير اسد عمر چيو آهي ته 2008 جي معاشي بحران کانپوءِ منصوبابندي جي اهميت ۾ اضافو ٿيو، ملڪي ترقي ۾ منصوبابندي جو اهم ڪردار آهي، ماضي ۾ منصوبابندي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ڪيو.هن چيو آهي ته 50 سالن ۾ معيشت جو بنيادي ڍانچو تبديل ٿيو، معيشت ۾ تبديلين باوجود منصوبابندي کي وسيع ڪرڻ سان ئي مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.وفاقي ڪابينا جو چوڻ هو ته معيشت ۾ رياست جي ڪردار سان ئي خليجي ملڪ غربت مان نڪتا، موجوده دور ۾ چيني معيشت منصوبابندي جو بهترين مثال آهي.اسد عمر وڌيڪ چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت ٻڏل هئي، اسان ٽن سالن جي ترقياتي اسٽريٽجي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ڇو ته معيشت جي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي جي اصلاح ئي ان جو واحد حل آهي.وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته هاڻ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ مستقبل ۾ گهٽتائي ٿيندي، توانائي جي اگهن ۾ گهتتائي سان معيشت ۽ انڊسٽري کي فائدو ٿيندو.