اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي زُڪام به ٿئي ٿو ته علاج لاءِ لنڊن هليا وڃن ٿا، هاڻي اهڙن ڪيسز ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جِن سان بظاهر هڪطرفي احتساب وارو تاثر ختم ٿي ويندو، ڪجهه ماڻهو صوبي جو ڪارڊ استعمال ڪن ٿا، پر نيب ڪارروائيون جاري رکندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بي آر ٽي پشاور مامري ۾ عدالتي اسٽي آيل آهي، بي آر ٽي ڪيس ۾ اسٽي آرڊر ختم ٿي وڃي، ججز جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، جِن نيب جو قانون پڙهيو نه آهي، اُهي به تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب جا آفيسر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته نيب جو ڪنهن به سياسي گروهه يا گروپ سان واسطو نه آهي، نيب جي نه ڪنهن سان دوستي ۽ نه دشمني آهي، اسان جي طرفان نه ڪا ڊيل ٿيندي، نه ڍر هوندي ۽ نه ئي اين آر او هوندو. چيو پيو وڃي ته نيب سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻڌايو ته نيب سياسي انتقام ڇو وٺندو؟ اسان جو ڪنهن سان ملڪيتي تڪرار نه آهي جو انتقام وٺون، هاڻي اهڙن ڪيسز ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جِن سان اهو تاثر ختم ٿي ويندو ته بظاهر هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي. 2017ع کانپوءِ ڪو به وڏو اسڪينڊل سامهون نه آيو آهي.