ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بلدياتي ادارن کي پنھنجا وسيلا پيدا ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت کين بجلي بلن جي مد ۾ 22 ارب رپيا ادا ڪيا آھن جيڪي انھن کي پاڻ ادا ڪرڻا ھئا، ھاڻي وڌيڪ انھن ادارن کي پنھنجي پيرن تي بيھڻو پوندو. اھا ڳالھ ھن گذريل ڏينهن وزيراعليٰ ھائوس ۾ لوڪل باڊيز پاران ڪي اليڪٽرڪ بلن جي ادائيگي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير توانائي امتياز شيخ، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تہ اسان کي لوڪل باڊيز کي ھر طرح سان سڌارڻو آھي، لوڪل باڊيز جي اوور اسٽافنگ ۽ انڊر اسٽافنگ جي مسئلن کي حل ڪرڻو آھي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات ٻڌايو تہ 1953 لوڪل ڪونسلون آھن جنھن کي سنڌ حڪومت 5 لک رپيا ماھوار ڏيندي آھي. وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني وئي تہ لوڪل باڊيز جي بجلي جا بل، پگھارون ۽ پينشن جا بل بہ سنڌ حڪومت ادا ڪندي آھي جنھن تي وڏي وزير سيڪريٽري بلديات کي ڊسٽرڪٽ ڪونسل، ڪي ايم سي ۽ 6 ڊي ايم سيز سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت ھر مھيني جا بل ڪيئن ادا ڪري سگھندي، انھن ادارن کي پنھنجن پيرن تي بيھڻو پوندو. وڏي وزير چار توانائي وارو وزير، وزير بلديات، سيڪريٽري بلديات ۽ سيڪريٽري ناڻو تي ٻڌل ھڪ ڪميٽي جوڙيندي ھدايت ڪئي آھي تہ ڪميٽي کي سڀني لوڪل باڊيز جا مسئلا حل ڪرڻا آھن. وڏي وزير چيو تہ سنڌ حڪومت لوڪل باڊيز، واٽر بورڊ، واسا وغيرہ جا بل ان ڪري ادا ڪندي آھي جو شھرين کي مسئلا نہ ٿين پر اھي بل انھن ادارن کي پاڻ ادا ڪرڻا آھن. ھن ٻڌايو تہ سال 19-2014 تائين سنڌ حڪومت لوڪل باڊيز جي 22 ارب رپين جا بل ادا ڪيا آھن پر ھاڻي وقت اچي ويو آھي تہ لوڪل باڊيز پنھنجا بہ وسيلا پيدا ڪري، پنھنجي ٽيڪس ڪليڪشن واري نظام ۽ ٽرانسپورٽ کي بھتر ڪري.