هاڻوڪي حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ سياسي طاقتن کي اڳتي اچڻو پوندو: آصف زرداري

اسلام آباد: (بيورو)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪپتان جي حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، هاڻوڪي حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ سياسي طاقتن کي اڳتي اچڻو پوندو، جيڪڏهن سياسي طاقتون اڳتي نه اينديون ته ڪو ٻيو نه ايندو.نيب جي حراست ۾ اڳوڻي صدر اها ڳالهه اڄ پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ڪئي آهي.هن چيو ته هو جيل ۾ آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن، ٻاهريان خبر ناهي ڇو ٿڪجي پيا آهن، ٻار کان آيل ناڻي واري وزير کي ملڪي معيشت جي خبر ئي ناهي.آصف زرداري چيو ته ان تي جيترا ڪيس هلائڻا آهن هلايو پر 80 سالن جي بزرگن جو ته خيال رکو، هن چيو ته منهنجو خير آهي پاڪستان جو خيال رکو.اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي تي هميشه ئي ظلم ٿيندو رهيو آهي، هاڻ سوشل ميڊيا جي ڪري ظلم لڪائي نه ٿو سگهجي، ٻاهر کان ايندڙن کان ملڪ نه پيو هلي انهن کي معيشت جي خبر ئي ناهي.هن چيو ته پاڪستان کي گهڻيون  تڪليفون آهن، بجيٽ جي اسان مذمت ڪريون ٿا، ملڪ اهڙي طرح ناهي هلندو، هنن کان ملڪ نه سنڀالبو، جيڪڏهن تحريڪ اسان نه هلائينداسين ته ڪو ٻيو هلائيندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، جيڪڏهن هر ميمبر کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو نه ملندو ته اها بجيٽ ڌانڌلي هوندي، اسان حڪومت جي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون پوري ڪوشش آهي ته بجيٽ پاس نه ٿئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *