ڪراچي(اسٽاف رپورتر)سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ٽڪ ٽاڪ سان بڻيل آهي ۽ اها ٽڪ ٽاڪ سان ئي ڪري پوندي وفاقي وزيرن جو ڪم روزانو هڪ ٽڪ ٽاڪ بڻائڻ ۽ شام جو 50 هزار لائيڪ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ آهي شهريار آفريدي کي فوٽيج ۽ ويڊيو جي چڱي طرح ڄاڻ آهي ان کان ئي پڇيو وڃي ته حريم ۽ ترميم ۾ ڪهڙو فرق آهي 18 هين ترميم کانپوءِ ڪابينا جو حجم ننڍو ٿيو آهي ان لاءِ وزيراعليٰ وٽ ڪيترائي وزارتن جا قلمدان آهن هڪ کان ڏيڍ هزار ماڻهن تي اعتراض جو جواز بڻائي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 8 لک ماڻهن تي پاپندي مڙهڻ درست ناهي ان جي آڙ ۾ پي ٽي آئي کي سياسي مقصد ڪنهن صورت ۾ حاصل نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪاليج ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي تحت خاتون پاڪستان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ منعقد اڪيڊمڪ پلان ۽ سموري صوبي جي ڪاليجن ۾ اعليٰ نمبرز حاصل ڪرڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ ٽاپ ٽين ڪاليجز جي پرنسپلز کي شيلڊ ۽ اعزاز ڏيڻ جي تقريب سان خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز رفيق ٻرڙو، ايڊيشنل سيڪريٽري طاهر سانگي، ڊپٽي سيڪريٽري شعيب ملڪ، پرنسپل خاتون پاڪستان ڪاليج ۽ ٻيا به موجود هئا. سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ اسيمبلي جي ڪل اڳواڻن جي تعداد ۾ 11 سيڪڙو ئي ڪابينا جو حصو بڻجندا آهن ۽ سنڌ صوبي ۾ اها تعداد 18 وزيرن جي ٺهندي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ اڳواڻن جي تعدا وڌيڪ ٿيڻ جيڪري وزيرن جي تعدا وڌيڪ آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هتي وزيرن وٽ هڪ کان وڌيڪ قلمدانن سان گڏوگڏ سنڌ جي وڏي وزير وٽ به مختلف کاتن جا قلمدان آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ گهڻن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ جتي هڪ يا ٻن اسڪولن جي ضرورت هئي. ان جڳهه تي پنجهاهه پنجهاهه اسڪول بڻايا ويا ۽ ان اسڪولن ۾ انرولمينٽ هڪ به نه هو جڏهن ته ان اسڪولن کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪيو ويو پر پيپلزپارٽي حڪومت ۾ اچي ڪري اهڙي اسڪولن کي بند ڪرايو ۽ ضرورت مطابق اسڪول جتي انرولمينٽ هئي ان کي جاري رکيو ۽ ان کان پوءِ اهڙن اسڪولن کي ميڊيا تي ڪڏهن جانورن جي ٻڌڻ ۽ ڪڏهن اوطاق ٿيڻ جو چيو ويو سعيد غني چيو ته حڪومت پنهنجو بجيٽ اهڙي اسڪولن تي خرچ ڪري رهي آهي جتي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن ۽ اسان بند پيل اسڪولن تي ڪو به خرچ نه ڪري رهيا آهيون