هارين کي ادائيگيون نه ڪيون ويون ته شگر ملون بند ڪري ڪنٽرول سنڀالينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار خبردار ڪيو آهي ته شگر ملن جي مالڪن هارين کي ادائيگيون نه ڪيون ته ملون بند ڪري ڪنٽرول سنڀالينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ شگر ملن طرفان هارين کي ڪمند اگهه جي قيمت جي عدم ادائيگي وارن ڪيسن تي ٻڌڻي ٿي. پتوڪي باباب فريد ۽ درياهه خان شگر ملن جا مالڪ عدالت ۾ پيش ٿيا. آبادگارن چيو ته مردان شگر ملن جا مالڪ 180 رپيا في مڻ قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن هنن 180 رپيا قيمت ڏني ته هو مرد جا پٽ نه هوندا، مردان شگر ملن جو آبادگارن سان 150 رپيا في مڻ جو معاهدو آهي. چيف جسٽس چيو ته مردان شگر ملز جي مالڪن کي گهرايون ٿا، معاهدو به ڏسون ٿا، سرڪاري ريٽ جو فيصلو بعد ۾ ڪنداسين، في الحال ملن جا مالڪ 180 جي ريٽ تي ادائيگيون ڪن، گذريل ڪيترن ئي سالن جي عدم ادائيگي وارو معاملو بعد ۾ ڏسنداسين، ممڪن آهي ته سيشن ججن کان معاملي جي انڪوائري ڪرايون. عدالت پتوڪي بابا فريد ۽ درياهه خان شگر ملڪن جي مالڪن کان ادائيگين جو حلفي بيان طلب ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پتوڪي شگر ملون ڪڏهن هارين کي ادائيگيون ڪنديون؟ پتوڪي مل جي وڪيل چيو ته ٻن مهينن ۾ ادائيگيون ڪنداسين. چيف جسٽس چيو ته ادائيگي نه ٿي ته مل بند ڪري ڪنٽرول سنڀالينداسين، 8 هفتن ۾ ادائيگين کي يقيني بڻايو، هن وقت تائين ٿيل ادائيگي جو حلفي بيان ڏيو، سموريون ادائيگيون سرڪاري ريٽ موجب ڪيون وينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *