لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ميڊيا اينڪرز جي ٽي وي شوز ۾ تجزئي ڪار طور شرڪت تي پابندي بابت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي نوٽفيڪشن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وهيد سينيئر صحافي عارف حميد ڀٽي، مبشر لقمان سميت 11 اينڪرز جي آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پيمرا جي وڪيل پاران چيو ويو ته اينڪرز عدالت ۾ ٻڌني هيٺ ڪيس تي ڊيل جون ڳالهيون ڪن ٿا پيمرا ان حوالي سان وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي معاملو اسلام آباد جو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي درخواست گذارن جيوڪيل موقف اختيار ڪيو ته پيمرا 27 اڪٽوبر تي صحافين جي تجزئي ڪار طور ٻئي ٽي وي شوز ۾ شرڪت تي پابندي هڻي ڇڏي ان سان گڏوگڏ پئرا ٽي وي اينڪرز تي شوز لاءِ ان جي مرضي جا مهمان گهرائڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي عدالت پيمرا جي نوٽيفڪيشن تي عملدرامد روڪيندي پيمرا سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.