ن ليگ کي نشانو بڻائڻ ملڪ لاءِ درست ناهي، ووٽ کي عزت ڏيارينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ويراعظم نواز شريف چيو آهي ته ن ليگ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو ملڪ لاءِ درست ناهي، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو منهنجو نه ڪروڙين عوام جو نعرو بڻجي چڪو آهي، ووٽ کي عزت ڏيارڻ واري مشن ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خواجا آصف، سعد رفيق، پرويز رشيد ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چونڊ  حڪمت عملي، رابطا مهم، احسن اقبال تي حملي کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اصغڙ خان ڪيس ۽ اسحاق ڊار جي رڪنيت معطل ٿيڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪمران پارٽي کي عدالت سطح تي پيش ايندڙ چئلينجن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ نگران وزيراعظم جي مقرري واري معاملي تي به صلاح مشورو ڪيو ويو. اجلاس ۾ احسن اقبال تي حملي جي جاچ بابت نواز شريف کي آگاهي ڏني وئي ۽ جاچ ٽيم جي شروعاتي رپورٽ تي به غور ڪيو ويو. مشاورتي اجلاس ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته خواجا آصف جي نااهليءَ وارو معاملو به غور هيٺ آيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هر ڏينهن پيش ٿي ثابت ڪيو ته عدالتن جو احترام ڪيون ٿا، عدالتي فيصلن تي عمل ڪيوسين ۽ ڪنداسين، ن ليگ جو ڪنهن سان جهيڙو ناهي، آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، رياستي ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ووٽ کي عزت ملندي ته عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي عزت ملندي، ان مشن ۾ ضرور ڪامياب وينداسين. سندس چوڻ هو ته چونڊ مهم تي اثرانداز ٿيندڙ ناڪاري ڪوششون مذمت جوڳيون آهن، احسن اقبال تي حملو ڪِريل سازش آهي، ن ليگ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو ملڪ لاءِ درست ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ ججن جي مقرري جو طريقي ڪار درست ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ کي مقرري جي حوالي سان اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ احتساب رڳو سياستدانن جو ٿيندو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ نئون نظام آڻينداسين.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *