ن ليگ پاران شهباز شريف جي گرفتاري تي پارليامنٽ ۾ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو

لاهور( م ڊ) مسلم ليگ ن جي قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري تي پارليامنٽ ۾ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ن ليگ جي تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون لاهور ۾ قائم پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ سي اي سي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري، وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ ننڍي چونڊ بابت خيالن جو اظهار ڪيو ويو . ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ اڪثر ميمبرن شهباز شريف جي گرفتاري جي ردعمل ۾ روڊن تي احتجاج جو مشورو ڏنو ۽ ڪجهه صلاح ڏني ته ملڪي مفاد ۾ روڊن تي احتجاج نه ڪيو وڃي. ذريعن موجب ن ليگ شهباز شريف جي گرفتاري تي پارليامنٽ ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس تي به پارليامنٽ ۾ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. ياد رهي ته مسلم ليگ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهبازشريف کي نيب آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ۽ عدالت  کيس 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪيو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *