ن ليگ وارا پشيماني، ندامت ۽ معافي بدران جشن ملهائي نڪ جي پڪائي جو ثبوت ڏيئي رهيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ وارا پشيماني، ندامت ۽ معافي بدران جشن ملهائي نڪ جي پڪائي جو ثبوت ڏيئي رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاران پنهنجي طور تي اورنج ٽرين رٿا جي افتتاح تي ردعمل جو اظهار ڪندي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته (ن) ليگ جي نيب سٽيل اورنج ٽرين جي هٿ ٺوڪئي افتتاح تي اصل ۾ قومي خزاني جي ڦرلٽ ۽ عوامي وسيلا ٺاهڻ جو جشن ملهائي رهيا آهن وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته مهانگي صوبن جو بار  عوام کي کڻڻو پوي ٿو مهانگائي ۽ معاشي تباهي ٿئي ٿي، پشيماني ندامت ۽ معافي بدران جشن ملهائي نڪ جي پڪائي ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *