ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ن ليگ ناڪام ليگ بڻجي چڪي آهي، اليڪشن کان پهرين ڪيترائي اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويندا. پنهنجي بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حڪومت هارائجي وئي آهي، ڌرڻي وارا کٽي ويا، ن ليگ جي حڪومت هار مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي سکيو. قانون واري وزير چيو ته نواز شريف جي قانوني ٽيم ۽ وزير به ڪمزور آهن، نواز شريف ۾ حڪومت هلائڻ ۽ سياست ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، جيڪا حڪومت ڌرڻي ختم نٿي ڪرائي سگهي اها ملڪ ڇا هلائيندي.