ن ليگ مون تي الزام هنيا، منهنجي خلاف ڪميٽي ۾ مخالف ويهاريا: عمران خان

August 8, 2017 at 8:00 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آئون پنهنجي مٿان لڳايل الزام جي جاچ چاهيان ٿو پر مسلم ليگ ن منهنجي مٿان الزام هنيا آهن منهنجي خلاف ئي بڻايل ڪميٽي ۾ منهنجا ئي مخالف ويهاريا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو چوڻ هو ته منهنجي مٿان الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي الزام لڳايا ويا آهن انهن جا ثبوت به پيش ڪرڻ پوندا آهن. اڄ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ منهنجي پارٽي جا ماڻهو اخلاقي ڪميٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڇو ته اهو ڪهڙو دستور آهي ته پاڻ الزام لڳايو ۽ پاڻ ئي ان جا ميمبر بڻجي جاچ شروع ڪيو. اخلاقي ڪميٽي ۾ مسلم ليگ ن جا ماڻهو آهي اهي پاڻ ئي  فيصلو ڪندا. هن چيو ته قوم کي چوان ٿو ته مير شڪيل الرحمان جي چينل جو  بائيڪاٽ ان ڪري ان کي سبق سيکاريو. مير شڪيل الرحمان ڏوهارين جي مدد ڪري رهيو آهي ڇا اها صحافت آهي، قوم کي چوان ٿو ته هو ان جو بائيڪاٽ ڪري ان کي سبق سيکاري. هن وڌيڪ چيو ته مير شڪيل الرحمان پنهنجي ميڊيا هائوس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اِهو ملڪ دشمن ئي ڪري سگهي ٿو.

اي پيپر