ن ليگ شهباز شريف جي گرفتاري سياسي انتقام ۽ ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب نيب طرفان شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرائي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ گرفتاري غير قانوني آهي. شهباز شريف جي گرفتاري تي مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري خلاف قانون آهي، سياسي مخالف ڌر تي عبرت جو نشان بڻائڻ جي روش پهرين به قوم کي نقصان ڏئي سگهي. مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ڊرامو ڪري پنهنجي ملڪ دمشن ڪارڪردگي تان عوام جون نظرون نٿي هٽائي سگهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران وزير اعظم  جي احتساب بابت خاص مددگا شهزاد اڪبر چيو هو ته اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تي وزير اعظم جو هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ جو 35 ڪروڙ رپين جو بل باقي آهي. جنهن تي رد عمل جو اظهار ڪندي ترجمان مسلم ليگ ن مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت هر جمعي جي ڏينهن هڪ نئون تماشو پيش ڪندي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته حڪومت ڊرامو ڪري پنهنجي ملڪ دشمن ڪارڪردگي تان نظرون نٿي هٽائي سگهي، اڄ تفريح جي لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ڪندڙ عوامي منصوبن جي لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ تي سوال اُٿاري رهيو آهي، شهباز شريف جهاز ۽ هيليڪاپٽر جو استعمال هميشه عوامي خدمت جي لاءِ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي استعمال هيٺ پنجاب حڪومت جو جهاز سول ايوي ايشن اٿارٽي اڏام نه ڀرڻ جوڳو قرار ڏنو هو، پر استحاق جي باوجود پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير 4 ارب رپين جي ماليت جو نئون هيليڪاپٽر نه خريديو ۽ قومي بچت جي ڪري حياتي خطري ۾ وجهي ساڳئي ناڪاره هيليڪاپٽر ۾ گهمندو رهيو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *