ن ليگ سوشل ميڊيا ڪنوينشن 26 ڊسمبر تي ٿيندو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ سوشل ميڊيا ڪنوينشن 26 ڊسمبر تي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ ٿيندو، جنهن جي شروعات منجهند 12 وڳي کان ٿيندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف جو پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات جو به ارادو آهي، منهجي گذارش جي نواز شريف سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته ڪنوينشن جو مقصد مسلم ليگ ن جي سوشل ميڊيا ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ آهي، نواز شريف سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب به ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *