ن ليگ حڪومت جي مني بجيٽ رد ڪري ڇڏي، ڀرپور بحث جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪندي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مني بجيٽ تي ڀرپور بحث جو فيصلو ڪيو آهي. شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ۽ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن جي مقرري جي حوالي سان نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ن ليگ جي پارليماني ڪميٽي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين جي چونڊ به ڪري ورتي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٽن مهينن تائين شهباز شريف پاڻ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين هوندو. پارليماني ڪميٽي حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪوتم جي مني بجيٽ تي ڀرپور بحث ڪيو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته مني بجيٽ انتهائي غير حقيقي ۽ عوام دشمن آهي ان ڪري مخالف ڌر پارليمان ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور انداز ۾ ادا ڪندي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ حڪوتم کان وڌيڪ مخالف ڌر جو امتحان آهي، مني بجيٽ بڻائيندڙن جو نه ڪو به معاشي ويزن آهي، نه پاليسي ۽ نه ئي منصوبو آهي. هن چيو ته اسان کي پگهارون وٺي ڌرڻو ڏيڻ واري روايت کي تبديل ڪرڻو آهي، قوم جو پارليامينٽ تي اعتماد وڌائڻو آهي. شهباز شريف چيو ته چونڊ ڌانڌلي جاچ ڪميٽي جا ٽي آر او نه ماريندي، ڪميٽي جو ٽائيم فريم هوندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *