ن ليگ جو عمران خان جي گهر ڪي پي ڪي ۾ طاقت جو مظاهرو، ووٽ جي توهين جو پلاند وٺندو: نواز شريف

پشاور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نااهليءَ جو فيصلو عوام جي طاقت سان ختم ڪنداسين، عوام واعدو ڪري ته چونڊن ۾ ن ليگ کي ووٽ ڏئي ووٽ جي توهين جو پلاند وٺندو. پشاور ۾ ناردرن باءِ پاس ٽول پلازا ڀرسان جلسي ۾ خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جيڪڏهن منهنجي حڪومت ختم نه ٿئي ها ته بيروزگارن کي روزگار ملي چڪو هجي ها، عمران خان توهان خيبر پختونخواهه جي ماڻهن کي ڇو دوکو ڏئي رهيا آهيو. هن چيو ته ڪي پي وارئو، توهان جا حڪمران ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام تراشي ۾ ماهر آهن، انهن کي سلام ٿو پيش ڪيان جن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته مان ڪا به ڪرپشن نه ڪئي ۽ نه پئسو کاڌو، پٽ کان پگهار وٺڻ تي ڪڍيو ويو، 5 ماڻهن عوام جي فيصلي خلاف فيصلو ڏنو ۽ اها راند گذريل 70 ورهين کان جاري آهي. نواز شريف چيو ته اسان ٻيڙيون ساڙي ميدان ۾ لٿا آهيون، عوام نواز شريف جو ساٿ ڏيندو ته انهن کي انصاف ۽ گهر به ڏينداسين.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *