لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ن ليگ جي گهڻن ماڻهن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ انهن جا ڪيترائي ميمبر اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا. لاهور ۾ جهانگير ترين ۽ عليم خان ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي لاءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته چوڌري صاحبن جا ٿورا مڃون ٿا جو انهن اسان جو ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي پر اسان ادارن کي ڪمزور نه مضبوط ڪنداسين ۽ پنجاب لاءِ بهترين نظام ڏينداسين. جهانگير ترين چيو ته نئون قانون ٺاهي مڪاني نظام آڻينداسين ۽ هيٺين سطح تي فنڊن جي ورهاست جو طريقي ڪار جوڙينداسين. هن چيو ته ن ليگ جي گهڻن ماڻهن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ انهن جا ڪيترائي ميمبر اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا. ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف 10 ورهين ۾ پنجاب جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ڪو به اهڙو ادارو ناهي ڇڏيو ويو، جنهن کي تباهه نه ڪيو ويو هجي، شهباز شريف شيخ چلي وانگر منصوبا ٺاهيا، جيڪي گهڻي دير نه هلي سگهيا، قومي ۽ صوبائي مفاد ۾ قانون سازي اسان جو هدف آهي.