اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاناما ڪيس تي اڄ عدالتي اختيار تي سوال کنيو ويو، ن ليگ وارا جڏهن هارائيندا آهن ته ڏنڊا کڻندا آهن پر کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هاڻي وقت بدلجي چڪو آهي. هن چيو ته اربين رپين جي چوري ۾ ملوث شخص کي بچايو پيو وڃي. ن ليگ چاهي ٿي ته نوازشريف ۾ ڪير به هٿ نه وجهي، وزير حڪومت جي پگهار ٿا کڻن پر نوڪري نواز شريف جي خاندان جي ڪن ٿا ۽ نيب ڪرپشن لڪائڻ لاءِ بهانا پئي ڪري. جڏهن ته اڄ ثابت ٿي ويو ته ايف بي آر جو چيئرمين به ڪرپٽ آهي، مسلم ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ تحريڪ انصاف ۾ اچڻ لاءِ اسان سان ڳجها رابطا ڪري رهيا آهن، عمران خان جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار نواز شريف لاءِ مني لارڊنگ ڪري ٿو، ادارن تي اهڙن ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، قوم وٽ انصاف لاءِ رڳو سپريم ڪورٽ ئي بچي آهي، جيڪڏهن ادارا ڪم ڪن ها ته هي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ نه اچي ها، نواز شريف جو وڪيل طوطو مينا واريون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو پر موٽو گينگ وٽ هاڻي چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، پاڪستان سپر ليگ بابت هن چيو ته جيڪڏهن غير ملڪي ڪرڪيٽر پاڪستان ۾ آيا ته فائنل بهتر ٿيندو، پر مڪمل پي ايس ايل پاڪستان ۾ ئي ٿيڻ گهرجي ها، عمران خان فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.