ڳڙهي خدا بخش (رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ميان صاحب پنهنجي آر او چونڊن کي نٿو مڃي، اسان پهرين ڏينهن کان کيس چئي رهيا آهيون ته اهي آر او چونڊون آهن، نواز شريف وڃو، غريبن جي جان ڇڏيو. ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ن ليگ جا جلسا ۽ مقبوليت قبول ناهي، ن ليگ وارا ٻين کي ويڙهائڻ جي چڪر ۾ پاڻ ڦاسي پيا آهن، هاڻ ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاٿو آهي، ميان صاحب هڪ ڏينهن ايندو، پ پ توهان جي سياست مان جان ڇڏائيندي. هن چيو ته ن ليگ وارن لاهور ۾ اربين رپيا خرچ ڪري هڪ سيٽ کٽي آهي، اهي حڪومت به ڪن ٿا، اپوزيشن به ڪن ٿا ۽ حڪومت تي تنقيد به پاڻ ئي ڪندا آهن، ميان صاحب توهان سياسي نه پر مغل بادشاهه آهيو. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ پرويز مشرف ۽ ن ليگ جيڪا باهه ٻاري، اها وسائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين آندوسين، اسان بلوچستان ۾ جمهوريت آندي آهي، ن ليگ وارن کي اڳ ۾ چيو هو ته سينيٽ چيئرمين توهان جو نه ايندو پر انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، انهن رضا رباني جو نالو کڻي پ پ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ناڪام رهيا، ميان صاحب کي 40 سالن جو حساب ڏيڻو پوندو.27