ڪراچي (م ڊ) نگران وڏن وزيرن جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان ٻين صوبن جي وڏن وزيرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهڻو امير آهي، جڏهن ته بلوچستان جو وڏو وزير علاءُ الدين مري سڀني کان پوئتي آهي. فضل الرحمان 13 ڪروڙ 55 لک 75 هزار رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي ۽ وٽس پينشن فنڊن جي مد ۾ 80 لک رپيا موجود آهن. دستاويزن موجب سنڌ جو نگران وڏو وزير 4 سئو گرام سون جو مالڪ آهي ۽ سندس گهرواري 5 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فضل الرحمان وٽ 2 لک رپيا روڪ رقم موجود آهن ۽ سندس بئنڪ بيلنس ۾ 2 ڪروڙ 62 لک 86 هزار رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير 5 لک رپين جو فرنيچر ظاهر ڪيو ۽ 7 پلاٽ سندس نالي، جڏهن ته 3 پلاٽ گهرواري جي نالي اٿس، جڏهن ته ان وٽ 1967 ماڊل جي گاڏي به آهي، جنهن جي ماليت 15 هزار رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي نگران وڏي وزير علاءُ الدين مري جي اثاثن جي ڪُل ماليت 48 لک 90 هزار رپيا آهن، جنهن ۾ ڪوئيٽا ۾ گهر جي ماليت 21 لک 60 هزار، ڪراچي ۾ گهر جي ملاليت 7 لک رپيا ۽ گوادر ۾ پلاٽ جي قيمت 14 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي، بئنڪ ۾ سندس هڪ لک رپيا موجود آهن ۽ هن ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري 35 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي. علاءُ الدين مري 50 هزار رپين جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي. خيبر پختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) دوست محمد خان جي اثاثن جي ماليت 4 ڪروڙ 71 لک 50 هزار کان وڌيڪ آهي. سندس اسلام آباد ۾ 8 مرلي گهر جي ماليت 2 ڪروڙ 97 لک، اسلام آباد ۾ 7 مرلي جي پليٽ جي ماليت 15 لک 25 هزار ۽ پشاور ۾ 2 ڪنال ايراڻي جي قيمت 8 لک 63 هزار کان وڌيڪ ظاهر ڪئي آهي. اثاثن جي تفصيل موجب دوست محمد خان جي نالي ڪا به گاڏي ناهي، سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 27 لک 56 هزار 601 رپيا موجود آهن ۽ وٽس 35 لک رپيا روڪ پيل آهن. پنجاب جي نگران وڏي وزير پروفيسر حسن عسڪري جي اثاثن جي ڪُل ماليت 2 ڪروڙ 4 لک 84 هزار رپين کان وڌيڪ آهي ۽ هن بئنڪ اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک 53 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ظاهر ڪئي آهي. حسن عسڪري دستاويزن ۾ 2013 ماڊل جي گاڏي جي ماليت 10 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي.