نگران وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ بابت ڪوتاهي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) نگران حڪومت لوڊشيڊنگ جو ذميوار هئڻ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران سڌ سماءَ واري وزير علي ظفر چيو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته بجلي ٽن مرحلن ۾ عوام تائين پهچندي آهي، بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن مرحلا آهن. سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جا ڪيترائي سبب آهن، جڏهن ته وٽن 28 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي.  علي ظفر چيو ته لوڊشيدنگ جا چار سبب آهن ، پهريون سبب فني خرابي ۽ ٻيو وري پاڻي جي کوٽ آهي، ڪجهه پلانٽ خراب ٿي ويندا آهن، ، ڊيمن ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويندو آهي. هن چيو ته وڌ کان وڌ 21 کان 22 هزار ميگا واٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته جون ۾ بجلي جي طلب 23 کان 24 هزار ميگا واٽ آهي. علي ظفر چيو ته اسان جو مئنڊيٽ آهي ته ڪنهن به قسم جي الزام تراشي نه ڪئي ويندي، اسان اليڪشن ڪرائي هليا ويندا آهن. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو هڪ فارمولي تحت ٿيندو آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو هڪ جامع نظام موجود آهي. سندس چوڻ هو ته تيل جا اگهه عالمي منڊي سان ڳنڍيل آهن، ڪا به حڪومت هجي تيل جي اگهن ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻي پوندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *