اسلام آباد ( بيورو ) نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ ملڪ ۾ جديد ترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو آهي. نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاور سيڪٽر جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڊي پيپڪو، ايم ڊي اين ٽي ڊي سي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کيس بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده بجلي جي پيداواري صلاحيت 28 هزار 704 ميگا واٽ آهي جڏهن ته گذريل مهيني هائيڊل جنريشن 3 هزار 90 ميگاواٽ رهي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڻي جي کوٽ ۽ سخت موسمي حالتن سبب بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي پر تنهن باوجود گذريل ڪابينا جي رمضان لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي عملدرآمد جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ ۽ پاور سيڪٽر لاسز ۽ نظام جي بهتري جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي. ڊسڪوز ۾ وڏي نقصان تي نگران وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سمورا ادارا ۽ تونائي واري وزارت نقصان جي ازالي لاءِ قدم کڻي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مدد جي ضرورت پوي تي آگاهه ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم پاور جنريشن، ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙو جامع پلان جوڙيو وڃي جو ايندڙ چونڊيل حڪومت لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي.