نگران وزيراعظم ملڪ جي پهرين واٽر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو) نگران وزيراعظم ملڪ جي پهرين واٽر پاليسي  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي .  ناصر الملڪ لاڳاپيل مسئلن  جي حل لاءِ پاڻي وسيلن  جي وزارت  کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. اسلام آباد  ۾ نگران وزيراعظم ناصرالملڪ  جي صدارت هيٺ  اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو  . اجلاس م وزيراعظم  کي پاڻي وسيلن ۽ پاڻي  جي ذخيرن  بابت بريفنگ ڏني . عملدارن ٻڌايو ته  گرمي پد وڌڻ سان گليشيئر  پگهارڻ  جو عملو تيزي سان  جاري آهي .  ۽ ان گليشيئر  جي پگهرجڻ  سان پاڻي جي  آمد  ۾ حوصلا افزا  ٿيو آهي . اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واٽر پاليسي جي منظوري  ڏئي ڇڏي . وزيراعظم  مستقبل جي ضرورتن   موجب پاليسي ترتيب  کي ساراهيو . جسٽس رتائرڊ ناصر الملڪ   مسئلن جي حل لاءِ پاڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن .سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ پاڻي جي  کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ  جديد ٽيڪنالاجي  کي استعمال  انتهائي ضروري آهي . ان کانسواءِ پاڻي جو غير ضروري  استعمال  جي روڪٿام  ۽ بچت تي عمل به ضرڳري آهي ..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *