اسلام آباد ( بيورو ) نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي 6 رڪني وفاقي ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين نگران ڪابينا کان قسم ورتو. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۾ شمشاد اختر، عبدالله حسين هارون، روشن خورشيد برونچا، اعظم خان، سيد علي ظفر ۽ محمد يوسف شيخ شامل آهن. عبدالله حسين هارون کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل سڪيورٽي ڊويزن جو قلمدان به وٽس هوندو، بچاءَ، دفاعي پيداوار جو قلمدان به عبدالله حسين هارون کي ڏنو ويو آهي. اعظم خان کي بين الصوبائي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. شمشات اختر وٽ شماريات، منصوبابندي، ڪامرس ۽ ٽيڪسٽائيل جي چارج هوندي ۽ يوسف شيخ کي تعليم، نيشنل هيلٿ سروسز ۽ مذهبي معاملن جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. اعظم خان کي گهرو وزارت، ڪيڊ ۽ نارڪو ٽڪس جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، وٽس بين الصوبائي رابطن جي وزارت جي قلمدان جي اضافي چارج هوندي. ڪابينا ۾ شامل سيد علي ظفر کي قانون ۽ انصاف، پارلياماني معاملن ۽ اطلاعات جو قلمدان ڏنو ويو آهي. يوسف شيخ کي وفاقي تعليم پروفيشنل ٽريننگ جي چارج ڏني وئي آهي جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز ۽ مذهبي معاملن جي وزارت جي اضافي چارج به وٽس رهندي. روشن خورشيد بروچا کي انساني حقن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.