اسلام آباد (بيورو ) نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس جاري آهي. نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هٿياربند فوجن جي سربراهن، نگران وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي اختيارين بريفنگ ڏني ۽ دهشتگردن خلاف جاري ڪاررواين ۽ ٻين قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي اندروني ۽ سرحدي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس بابت تيارين تي بريفنگ ڏني ۽ ان حوالي سان گهربل قانوني ۽ انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي ايف اي ٽي ايف سان لاڳاپيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪميٽي کي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس سان ٿيل ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ذميواريو پوريون ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل مفادن ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي تنظيمن سان سهڪار ڪري رهيو آهي جڏهن ته ايف اي ٽي ايف سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا.