اسلام آباد(بيورو) چونڊن کان اڳ بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين ۾ چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽرين کي تبديل ڪيو ويو . نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اعليٰ سطح تي ٿيندڙ مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ نگران وزير اعظم ۽ چئني صوبن جي وڏن وزير جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ سٺي ساک رکندڙ آفيسرن جي مقررين تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس سنڌ اي ڊي خواجا جي جاءِ تي امجد سليمي کي نئون آءِ مقرر ڪرڻ جي منظور ڏني وئي آهي، امجد سليمي هن وقت موٽروي پوليس جي سربراهه طور پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پنجاب ۾ عارف نواز جي جاءِ ڪليم امام کي آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي، ڪي پي ۾ صلاح الدين محسود جي بدلي ڪري محمد طاهر کي نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ جي بلوچستان معظم جاه انصاري جي جاءِ محسن بٽ کي صوبي جو پوليس سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ جودت اياز کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ جان محمد کي آءِ جي اسلام آباد طور مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪرٽري جي ذميواري انجام ڏيندڙ اعظم سلمان چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ وفاقي سيڪريٽري اڪبر دراني کي پنجاب جو سيڪرٽري لڳايو ويو آهي. نويد ڪامران بلوچ چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي هوندو، جڏهن ته ڊاڪٽر اختر نذير کي بلوچستان جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.