نگران حڪومت جي لاءِ  سنڌ جون اپوزيشن پارٽيون هڪ ٿي ويون

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ نگران حڪومت جي لاءِ اپوزيشن پارٽيون هڪ ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي معاملن تي اڳواڻن اتفاق راءِ پڻ قائم ڪري ورتي. نگران وڏي وزير لاءِ سنڌ ۽ ڪابينا ميمبرن جي لاءِ  متحدا قومي موومينٽ، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحاد ڪندي ڪابينا جي ميمبرن ۽ نگران وڏي وزير جي نالن تي راضپو  ڪري ورتو . نگران ڪابينا جي لاءِ خواجا اظهار ، صدرالدين شاهه، خرم شيرزمان، سيد سردار ۽ نندڪمار جي نالا ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي  تجويز سامهون آئي آهي.ٻئي پاسي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته آهي ته نگران حڪومت جي لاءِ  مخالف ڌر  سان ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن، ڪوشش ڪنداسين ته ناراضپو ختم ٿي وڃي. ياد رهي ته اپوزيشن ڌر  مسلم ليگ (ن)هن اتحاد جو حصو ناهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪيترائي ميمبر استعفائون ڏئي پاڪ سرزمين پارٽي جو حصو بڻجي چڪا آهن، اهي به هن اتحاد ۾ شامل ناهن .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *