نٿا چاهيون ته مخالفن مان ڪنهن سان اهڙي ناانصافي ٿئي جيڪا نواز شريف ٿي:مريم نواز

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صاحبزادي مريم نواز جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس ۾ جيڪا انصافي ٿي ان جي آڙ ۾ ڪيترائي ماڻهو ايندا. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌي مريم نواز اسلام آباد احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاناما کان اقامي واري فيصلي ۾ چونڊيل وزير اعظم سان ناانصافي ٿي، پاناما ڪيس ۾ جيڪا ناانصافي ٿي، ان جي آڙ ۾ ڪيترائي ماڻهو ايندا. مريم نواز جو چوڻ هو ته اهو نٿا چاهيون ته مخالفن مان ڪنهن سان اهڙي ناانصافي ٿئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *