نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي چيپل هيڊلي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ خميس تي ميڪلين پارڪ نيپئر ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت موجب صب جو ٦ وڳي شروع ٿيندي. سيريز ۾ ڪيويز کي آسٽريليا خلاف ۰ڏ۱ جي سرسي حاصل آهي. ڪيويز آسٽريليا کي پهرين ميچ ۾ ٦ رنسن تان شڪست ڏني آهي.