نيوزيلينڊ(م ڊ) نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ جمعي جي نماز دوران حملي آورن فائرنگ ڪري 49 نمازين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته 39 کان وڌيڪ نمازي زخمي ٿي پيا جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. حملي آورن جي استعمال ٿيندڙ گاڏي ۾ پڻ بم فٽ ٿيل هيو. ٻئي حملا ملڪ جھي ٽئين وڏي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪيا ويا. پوليس موجب هڪ عورت سميت 4 حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جي سربراهه موجب هڪ مسجد ۾ 41 نمازي، جڏهن ته ٻئي مسجد ۾ 7 نمازي شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته ٻه زخمي سورن جي سٺ نه سهندي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته 39 کان وڌيڪ زخمي نمازين کي اسپتال پهچايو ويو آهي جيڪي زير علاج آهن، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 4 حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان هڪ جي عمر 20 سال آهي. ياد رهي ته پوليس گرفتار حملي آورن بابت وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پوليس اهو به ناهي ٻڌايو ته سندن تعلق ڪهڙي دهشتگرد تنظيم سان آهي. ياد رهي ته حملي آورن مسجدن تي حملي ڪرڻ کان ويندي نمازين تي فائرنگ تائين ڪيمرا ۾ وڊيو ٺاهيندا رهيا جيڪو رابطن واري ويب سائيٽن تي پڻ وائرل ٿيو، ڪجهه دير کان پوءِ سڀني رابطن واري ويب سائيٽن ۽ يوٽيوب سميت آن لائن پليٽ فارم تان اهو وڊيو ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهي کي سندن جي پاليسي جي خلاف ورزي قرار ڏيئي ڇڏيو. ٻئي پاسي آسٽريليا جي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن واقعي کان پوءِ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گرفتار ٿيل حملي آورن ۾ هڪ آسٽريليا جو شهري آهي. ياد رهي ته مسجدن تي حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن نمازي جمعي جي نماز جي تياري ڪري رهيا هئا. فائرنگ جو اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس علائقي ۾ موجود ٻين مسجدن ۾ شهرين کي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ کين هدايت ڪئي ته هو گهرن کان ٻاهر به نه نڪرن، جڏهن ته شهر جي سڀني اسڪولن کي پڻ بند ڪيو ويو.حملي ۾ بچي ويل نمازين جو چوڻ هو ته حملي آور هڪ لڳي 45 منٽن تي مسجد النور ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني، هر طرف رت نظر اچي رهي هئي. جڏهن ته شهرين جو چوڻ هو ته حملي آورن ننڍڙن ٻارڙن کي پڻ نشانو بڻايو ۽ ڪيترن ئي ٻارڙن جا لاش مسجد ۾ پڻ نظر آيا. ياد رهي ته ڄاڻايل مسجد ۾ بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم پڻ موجود هئي جيڪي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان انهي ڳالهه جي پڻ تصديق ڪئي آهي ته سندن ٽيم محفوظ رهي.