نيوزيلينڊ جي مسجد ۾ نمازين تي فائرنگ ڪندڙ شخص جي تصوير ۽ نالو سامهون اچي ويو

ويلنگٽن ( م ڊ )  نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ اڄ هڪ هٿياربند شخص نمازين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 49 کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته هڪ حملي آور قاتل کي سوشل ميڊيا تي ڏيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي. پرڏيهي ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ دهشتگرد النور مسجد جي اندر فائرنگ ڪندي لائيو اسٽريمنگ به ڪئي، اهو واقعو منجهند ڏيڍ وڳي پيش آيو جنهن وقت جمعي جي نماز جي ادائيگي جو وقت ٿي رهيو هو، هڪ حملي آور پاڻ کي ٽوئيٽر تي برينٽن ٽرينٽ ظاهر ڪيو آهي ۽ پنهنجو تعلق آڪلينڊ جي ويجهي علائقي گرفٽن سان ٻڌايو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ فوٽيج ۾ حملي آور سيمي آٽوميٽڪ گن جو استعمال ڪندي نماز لاءِ ايندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب وڏي  انگ ۾ شهري شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته ان موقعي تي ماڻهن اتان ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ان جانور صفت شخص انهن تي گوليون وسايون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *