نين تڪ بندين بعد ڪراچي جي 3 ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦير ڦار

ڪراچي(م ڊ) نين تڪ بندين کان پوءِ ڪراچي جي ٽن ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦيرڦار ٿي آهي جنهن ۾ ڏکڻ ضلعو، اولهه ضلعو ۽ سينٽرل ضلعو شامل آهي. ڪراچي جي انهن ٻن ضلعن ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي گهٽتائي جڏهن ته هڪ ضلعي ۾ هڪ سيٽ جي واڌ ٿي آهي. نين تڪ بندين کان اڳ سينٽرل ضلعي ڪراچي جو سڀ کان وڏو ضلعو هو، پر هاڻ ضلعي ڏکڻ سڀ کان وڏي ضلعي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. نين تڪ بندين کان پوءِ اليڪشن 2018ع ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌ ٿي آهي. ڏکڻ ضلعي جي اڳوڻن ٽن تڪن اين اي 248، اين اي 249 ۽ اين اي 250 کي هاڻ ٻن تڪن ۾ ورهايو ويو آهي جيڪي هاڻ اين اي 246 ۽ اين اي 247 سڏرائيندا. اين اي 246 ۾ لياري جا ڪيترائي علائقا شامل آهن جنهن ۾ اڳوڻو اين اي 249 جو گارڊن جو به ڪجهه علائقو شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت موجوده اين اي 247 ۾ اڳوڻو اين اي 250 جو سمورو علائقو شامل آهي. واڌو علائقن ۾ اڳوڻو اين اي 249 جو علائقو به شامل ڪيو ويو آهي جتان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيترائي ڀيرا ڪامياب ٿي چڪو آهي.  اولهه ضلعي جا اڳوڻا چار تڪ اين اي 239 کان وٺي اين اي 242 تائين هئا، پر هاڻ نين تڪ بندين جي نتيجي ۾ هڪ تڪ جي واڌ ٿيڻ بعد اولهه ضلعي ۾ 5 تڪ بڻجي ويا آهن. اولهه ضلعي جي موجوده اين اي 248 ۾ اڳوڻي اين اي 239 ۽ اين اي 240 جڏهن ته اولهه ضلعي جي موجوده اين اي 249 ۾ اڳوڻي اين اي 240 ۽ اين اي 241 جا ڪيترائي علائقا شامل آهن. موجوده اين اي 250 ۾ اڳوڻو اين اي 241، اين اي 240 ۽ اين اي 242 جا علائقا به شامل آهن.  اولهه ضلعي جي اين اي251 ۾ اڳوڻي اين اي 242 ۽ اين اي 243 ۽ اهڙي ريت موجوده اين اي 252 ۾ اڳوڻو اين اي 242 ۽ اين اي 241 وارا علائقا شامل ڪيا ويا آهن. سينٽرل ضلعي جا موجوده اين اي 253 ۾ اڳوڻو اين اي 243 ۽ اين اي 244 جڏهن ته موجوده اين اي 254 ۾ اڳوڻو اين اي 242 ۽ اين اي 245 وارا علائقا شامل آهن. سينٽرل ضلعي جي موجوده اين اي 255 ۾ اڳوڻو اين اي 245 ۽ اين اي 246 جڏهن ته موجوده اين اي 256 ۾ اڳوڻو اين اين 246 ۽ اين اي 247 وارا علائقا شامل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *