راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو 23هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اهم اجلاس ۾ جي ايس سي چيئرمين، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ايئر ۽ نيول چيفس به شرڪت ڪئي، جڏهن ته بچاءَ وارو وزير، گهرو وزير ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. اجلاس ۾ اٿارٽي کي علائقائي سيڪيورٽي ۽ موجود مسئلن تي بريفنگ ڏني وئي، ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪندڙ سازشن بابت آگاهي سان گڏوگڏ علائقي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڙيسري ملڪ جي عسڪري قدمن کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن واري عمل ۾ رنڊڪ قرار ڏيندي وڌندڙ سامونڊي ايٽمي سرگرمين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي بچاءَ لاءِ ايٽمي ڊيٽرنس پاليسي تي هلي رهيو آهي. ان موقعي تي بچاءَ لاءِ سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي خدمتن کي خراج پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪي صلاحيتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هر قسم جي جارحيت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو عزم پڻ ڪيو ويو. اٿارٽي بابر ٿري ۽ ابابيل ميزائل سسٽم جي ڪامياب تجربي کي ساراهيو ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي اجلاس ۾ نيو ڪليئر سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندي اسٽريٽجڪ اثاثن جي حفاظت ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي به مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ فورسز جي تربيت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي به ساراهيو ويو. اٿارٽي کي نيشنل اسپيس پروگرام ۽ نيو ڪليئر پاور پروگرام تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اٿارٽي طرفان نيشنل اسپيس ۽ نيو ڪليئر پاور پروگرام تي اعتبار ڪيو ويو، نيشنل اسپيس ۽ نيوڪليئر پاور پروگرام کي ملڪي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته نيوڪليئر سيڪيورٽي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.27