لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس آفيسرن ۽ شهرين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي صحيح انداز سان عمل ٿئي ها ته دهشتگرد ڪارروائي نه ٿئي ها، هن چيو ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا پرڏيهي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي رپورٽ ٿين ٿا، جنهنڪري غيرملڪي رانديگر پاڪستان اچڻ کان ڊڄن ٿا، جڏهن سريلنڪن ٽيم تي حملو ٿيو هو ته دنيا ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ محفوظ جاءِ ناهي، هڪ سوال تي هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته پوري پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پهريون ڀيرو مثالي پوليس جو نظام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي پوليس کي اڄ به سياسي ڪمن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ضرب عضب آپريشن ۾ جيڪا بهتري آئي آهي، اها سڀ ضايع ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته نواز شريف ۽ سندس ڪابينا کي پاناما جي بچاءَ بابت فڪر آهي، ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان بابت کين ڳڻتي ناهي.