نيشنل ايشڪن پلان تي عمل ڪرڻ کان سواءِ اسان ڪامياب نٿا ٿي سگهون:بلاول ڀٽو زرداري

ٽنڊو محمد خان(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن جي ڀرپور تياري ڪري رهي آهي، وڏي وزي مراد علي شاهه کي پراجيڪٽ پورو ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو، سنڌ حڪومت ان پل کي مڪمل ڪيو. ٽنڊي محمد خان ۾ پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مان نٿو سمجهان ته پ پ پوئتي وڃي رهي آهي، نيب تي عمل نه ٿيڻ سبب اسان کي دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪاميابي نه ملي.  رڳو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جو عوام تڪليف ۾ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي پوري ڪوشش آهي ته هو عوام کي رليف ڏئي. اسان انفرااسٽريڪچر تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نيشنل ايشڪن پلان تي عمل ڪرڻ کان سواءِ اسان ڪامياب نٿا ٿي سگهون، پ پ ايندڙ اليڪشن جي تاري ڪري رهي آهي، اسان عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غريبن جي مدد جي لاءِ آهي، جلد ئي پارليامينٽ ۾ وڃڻ واوا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن خلاف پهرين دفاعي لائين ثقافت آهي، پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ سياستي حڪمت عملي سامهون آڻينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *