نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪڙيو يا سڀني کي ڇڏي ڏيو:جسٽس عظمت سعيد

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪريو يا سڀني کي ڇڏي ڏيو ۽ قومي احتساب بيورو ڪيسن ۾  اکيون ڇو ناهي کوليندو. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ فراڊ ڪيس جي جوابدارن جي ضمانتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل چيو ته جوابدارن جي غلط فيصلن جي ڪري گڏيل طور تي 170 ملين جو نقصان ٿيو، جوابدارن غلط پاليسي بڻائي ۽ پوءِ ان تي به عمل ناهي ڪيو، هن مختلف بينڪن مان ڪڍرائي اي پلس ريٽنگ بينڪ ۾ ناهن رکرايا، هڪ مهيني جي اندر نيب حتمي ريفرنس داخل ڪندي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته 7 ماڻهن ٽرانزيڪشن ۾ نيب رڳو ٻن کي پڪڙيو، ڪنهن کي پڪڙڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڇڏڻو اِهو فيصلو آخر ڪندو ڪير آهي؟ نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪڙيو يا سڀني کي ڇڏي ڏيو، نيب ڪيسن ۾ ٻئي اکيون ڇو نٿي کولي. اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب عمران الحق چيو ته نيب گرفتاري جي پاليسي بڻائي رهي آهي، عدالت قرار ڏنو ته ڪيس کي پوءِ حتمي ريفرنس داخل ٿيڻ بعد ٻڌنداسين. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *