اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب معاملن ۽ قانون جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فروغ نسيم، خاص مددگارن نعيم الحق ۽ ارباب شهزاد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته احتساب جي اداري کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي، نيب جي قدمن سان انتقام جو تاثر نه وڃڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪرپٽ مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ سڀني جو بنا امتياز ۽ ڪڙو احتساب اڻٽر آهي، ان معاملي تي ڪو دٻاءُ قبول نه هوندو.