نيب کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: وفاقي ڪابينا ۾نيب آفيس ٻاهران هنگامي ۽ ليگي ڪارڪنن جي حملي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيب آفيس ٻاهران هنگامي ۽ ليگي ڪارڪنن جي حملي جي مذمت، ذريعن موجب ڪابينا ميمبرز زور ڀريو آهي ته هنگاما ۽ پٿراءُ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مريم نواز جي گاڏي تي پٿراءُ ۽ ليگي ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ فسطائيت ۽ آمريت جو ثبوت آهي، نواز ليگي نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان ڊڄڻ واري نه آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان به لاهور ۾ نواز ليگ جي ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت، پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ مريم نواز کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻلي 900 سئو ڪوئا کائڻ بعد حج تي رواني ٿي وئي، مريم صفدر غنڊن سان گڏجي نيب آفيس پهتي هئي، شهباز گِل چيو آهي ته مريم نواز ڪوڙ ڳالهائڻ جي ماهر آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن ڏٺو يا ٻڌو ته پوليس پٿراءُ ڪيو آهي، پوليس پٿراءُ نه پر لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪندي آهي، کين پٿراءُ جو حڪم ناهي ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *